سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: سموري ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمتن ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 13 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 61 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1114 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 24 هزار 365 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ڏهه ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 5 سئو ڊالرز جو ٿي ويو آهي