ڀارتي وينيو سٺو ناهي، ٻيهر نه اينداسين،افغان بورڊ

ڪابل : افغانستان ڀارت جي گريٽر نوڊيا اسٽيڊيم جي سهولتن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.افغانستان بورڊ جي آفيسر جي وينز تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هتي تمام گهڻي گڙبڙ آهي، ٻيهر هن وينيو تي نه اينداسين،بورڊ آفيسر جو چوڻ آهي ته رانديگر هتي جي سهولتن کان به ناخوش آهن، اسان ان معاملي تي گهڻو اڳ ڳالهايو هو، اسان کي يقين ڏياريو ويو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي،افغانستان بورڊ جي آفيسر جو چوڻ هو ته ٽيسٽ ميچ آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي، جيڪو آءِ سي سي ٽورنامينٽ آهي.واضح رهي ته افغانستان ڀارت جي شهر نوڊا ۾ نيوزيلينڊ کي واحد ٽيسٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي.افغانستان نيوزيلينڊ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن گندي آئوٽ فيلڊ سبب ضايع ٿي ويو.نوئڊا ۾ سڄو ڏينهن برسات نه پئي پر پهرين ڏينهن ٽاس نه ٿي سگهيو، پاڻي جي نيڪال جو نظام سٺو نه هو ۽ آئوٽ فيلڊ کي ڍڪڻ لاءِ مناسب سهولتون نه هيون.گرائونڊ ۾ بيٺل پاڻي سڄو ڏينهن سڪي نه سگهيو، جديد سهولتن جي کوٽ سبب گرائونڊ اسٽاف گرائونڊ کي سڪي نه سگهيو، جنهن سبب ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ٽاس ملتوي ڪيو ويو.

Indian venue is not goodwe will not come again