ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: سول جج شائسته خان ڪنڊي شراب ۽  هٿيار اچڻ جي ڪيس ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سيشن اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ علي امين گنڊاپور جي خلاف هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي سول جج  شائسته خان ڪنڊي ڪئي.

عدالت وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان معافي جي درخواست رد ڪندي ان جا ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سڀاڻي علي امين گنڊاپور کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

علي امين گنڊاپور طرفان راجا ظهورالحسن عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ وڏي وزير جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته وڏي وزير جي طبيعت خراب آهي انهي لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، کيس ٽنگ ۾ تڪليف آهي، ڊاڪٽرن کيس هڪ هفتو آرام جو مشورو ڏنو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي آيل آهي، وڏو وزير ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ دوري تي هو ته اوچتو سندس پير ترڪي پيو جنهن سبب کيس ٽنگ ۾ تڪليف آهي، عدالت کان استدعا آهي ته ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.