آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽڊ سبسڊي تي اعتراض ناهي: اورنگزيب

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي تي ڪو به اعتراض ناهي. ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته بي آءِ ايس پي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي.ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته هن هفتي وڏن وزيرن سان ڳالهيون ٿينديون، سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي پاليسي لاڳو ڪئي ويندي، وفاقي ناڻي وارو سيڪريٽري صوبائي سيڪريٽري سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو.هن چيو ته هڪ ئي مهيني ۾ صوبن سان گڏجي قومي مالياتي معاهدو تيار ڪيو ويندو، پرڏيهي فنانسنگ ۾ 2 ارب جو خال آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهيون جاري آهن. محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڪمرشل قرضن لاءِ معاهدو ٿيڻ ضروري آهي، قرض جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي.قرض رول اوور لاءِ ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن ۽ مثبت طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي. دوست ملڪن جا لاڳاپيل ادارا جلد پنهنجي حڪومتن کي ان بابت آگاهه ڪندا.وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي جو هدف ڊجيٽلائيزيشن ۽ انفورسمينٽ ذريعي پورو ڪيو ويندو. ود هولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ جي في الحال ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، واپارين تي لاڳو ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته پگهاردار، پيداواري شعبي کان ٽيڪس ورتو وڃي، ائين نٿو ٿي سگهي.هنن چيو ته واپارين کي هر سهولت ڏينداسين، سندن جائز مطالبا مڃينداسين، سماج جي هر شعبي کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.