پاڪستان پنهنجي ئي گهر ۾ بنگالين هٿان وائيٽ واش

راولپنڊي : راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پاڪستان کي تاريخي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.بنگلاديش سيريز ۾ 2- صفر تان سوڀ ماڻي ورتي، تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهري سرزمين تي حریف هٿان وائيٽ واش جو منهن ڏسڻو پيو. ٻئي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش 185 رنسن جي ٽارگيٽ جو تعاقب ڪندي ٻئي ميچ آساني سان کٽي ورتي، مهمان ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.برسات ۽ خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جلد ختم ڪئي وئي ۽ اڄ مهمان ٽيم پنهنجي اننگز 42 رنسن تان وڌائي.هن ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن برسات سبب منسوخ ٿي وئي هئي ۽ ٽاس نه ٿي سگهيو هو ٻئي ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ دوري جي ٽيم 262 رنسون ٺاهيون ۽ 12 رنسن تان هارائي وئي. ان کان پوءِ پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 12 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي ۽ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش کي ڪاميابي لاءِ 185 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.ان کان اڳ پنڊي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش قومي ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.