رائٽ سائزنگ ڪميٽي جون سفارشون: هزارين سرڪاري ملازمن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع، هزارين سرڪاري ملازمن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ ملازمن کي ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

ذريعن ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سرپلس پول ۾ ۽ ٻئي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ۾ اماڻيو ويندو، سرپلس ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ به ڏنو ويندو.

انگن اکرن موجب سرول سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ترميمي مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي منظوري ڪابينه مان ورتي ويندي.

حڪومتي ذريعن موجب حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي مشق جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي وزارتن کي بند ڪيو ويندو يا انهن کي ضم ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪجهه ملازمن کي صوبائي کاتن ۾ ايڊجسٽ، جڏهن ته گهڻن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو، پي ڊبليو ڊي سميت بند ڪيل ادارن جي ملازمن کي مالياتي پيڪيج ڏنو ويندو.