فلم ايمرجنسي کي رليز جي اجازت نه ملي، ڪنگنا جي تصديق

ممبئي : ڀارتي سينسر بورڊ ڌمڪين سبب اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت جي فلم ”ايمرجنسي“ جو سرٽيفڪيٽ روڪي ڇڏيو آهي.هڪ وڊيو بيان ۾ ڪنگنا رناوت چيو ته سندس نئين فلم ”ايمرجنسي“ کي اڃا تائين سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيٽ (سي بي ايف سي) يعني سينسر بورڊ طرفان رليز سرٽيفڪيٽ نه ڏنو ويو آهي.بالي ووڊ ڪوئن جي نئين فلم زينت 6 سيپٽمبر تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي، ان جي رليز جون افواهون گردش ڪري رهيون آهن، اداڪارا هڪ وڊيو شيئر ڪندي تصديق ڪئي ته فلم کي اڃا تائين سرٽيفڪيٽ نه مليو آهي.فلم ايمرجنسي ۾ ڪنگنا رناوت اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اداڪارا دعويٰ ڪئي ته فلم جي ڪجهه منظرن تي سينسر بورڊ کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته افواهون آهن ته فلم ايمرجنسي کي سينسر بورڊ ڪليئر ڪيو آهي پر اها حقيقت ناهي.سي بي ايف سي سرٽيفڪيٽ کي روڪيو آهي ۽ اسان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته فلم مان ڪجهه منظر هٽايو وڃي، جنهن ۾ اندرا گانڌي جو قتل ۽ پنجاب فساد شامل آهن.ڀارتي اداڪارا اهو به چيو ته هاڻي مون کي خبر ناهي ته فلم ۾ ٻيو ڇا ڏيکاريو وڃي. اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ اها ڳالهه منهنجي لاءِ ناقابل اعتبار آهي، ملڪ ۾ جيڪا سوچ هلي رهي آهي ان تي افسوس آهي.تازو تڪرار فلم ايمرجنسي تي پابندي لڳائڻ جي مطالبي سان شروع ٿيو، تلنگانا سک سوسائٽي فلم تي هڪ ڪميونٽي کي دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن طور پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو.ڪنگنا رناوت هن وقت پنهنجي فلم جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ انوپم کير پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.

The release of the film Emergency was not allowed