بنگلاديش خلاف پاڪستان جي بيٽنگ جاري،200رنسون مڪمل

راولپنڊي: بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي ۽ گرين ڪيپس 5 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن برسات سبب ٽاس نه ٿي سگهيو، ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن شنٽو ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق پهرين ئي اوور ۾ تسين احمد جي هٿان صفر تي بولڊ ٿي ويو.عبدالله شفيق جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ صائم ايوب ڪپتان شان مسعود سان 107 رنسن جي گڏيل ڀائيواري قائم ڪئي ۽ شان مسعود 57 رنسون ٺاهي مهدي حسن ميراز جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.صائم ايوب به 58 جي انفرادي اسڪور تي مهدي حسن ميراز کي وڪيٽ ڏني، سعود شڪيل 18 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم 31 رنسون ٺاهي شڪيب الحسن جو شڪار بڻيو. محمد رضوان 29 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهي جڏهن ته سلمان علي آغا به 15 رنسون ٺاهي سندس مدد ڪئي.بنگلاديش کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان تي هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.ٻئي ڏينهن جي راند کي اوور مڪمل ڪرڻ لاءِ 30 منٽن تائين به وڌائي سگهجي ٿو.

Pakistan's batting continues against Bangladesh