بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز، اُهي رڪارڊ جيڪي پاڪستاني ڪرڪيٽر ٺاهي سگهن

ڪراچي : آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت قومي ڪرڪيٽر بنگلاديش خلاف ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪجهه رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري سگهن ٿا.
بنگلاديش خلاف هوم سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 30 آگسٽ تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم۾ شيڊيول آهي.
سيريز دوران فاسٽ بالر شاهين آفريدي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ دوران سئو وڪيٽون وٺندڙ پهرئين پاڪستاني بالر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري سگهي ٿو، هو هن وقت 24 ٽيسٽ ميچن ۾ 91 وڪيٽن سان ايليٽ بالرن جي فهرست ۾ شامل آهي.
ڊبليو ٽي سي سائيڪل ۾ هنيئر تائين 11 بالر سئو يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪري چڪا آهن، جن ۾ ڀارت جا ٽي بالر روي چندرن ايشون 174، جسپريت بمرا 110 ۽ رويندرا جاڙيجا 102 وڪيٽن سان موجود آهن.
ان کانسواءِ چار آسٽريلوي بالر به اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن انهن ۾ نيٿن ليون 187، پيٽ ڪمنز 175، مچل اسٽارڪ 147 ۽ جوش هيزل ووڊ 109 وڪيٽن سان لسٽ ۾ شامل آهن.
پاڪستان طرفان ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شاهين کانپوءِ نسيم شاهه جو نمبر آهي جنهن جي وڪيٽن جو انگ 51 آهي جڏهن ته انجري سبب هن پنهنجي آخري ميچ جولاءِ 2023 ۾ سريلنڪا خلاف کيڏي هئي.
قومي بيٽرن ۾ شان مسعود ۽ نائب ڪپتان سعود شڪيل وٽ به ڊبليو ٽي سي سائيڪل ۾ هڪ هزار رنسون تائين پهچڻ جو موقعو آهي، شان مسعود 18 ميچن ۾ 985 جڏهن سعود شڪيل 10 ٽيسٽ ميچن ۾ 967 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

Test series against Bangladesh