نوازشريف پنجاب ۾ 500 يونٽ تائين في يونٽ 14 روپيه رليف ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف چيو آهي ته مهانگائي ۽ وڌيڪ بجلي جي بلن تي عوام جي تڪليفن جو اندازو آهي انهي جي ذميواري عمران خان حڪومت تي آهي، آءِ ايم ايف کي واپس آڻيندڙ چهرا اسان نه پر جيل ۾ ويٺل ماڻهو آهن.

نوازشريف چيو ته  عمران خان جي زماني کان مهانگائي شروع ٿي، عمران خان پاڻ چيو هو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه آهي ۽ سڄي دنيا چئي رهي هئي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي غلامي کان آزاد ٿي ويو، پر آءِ ايم ايف کي ٻيهر ڪنهن آندو؟ اهي چهرا شهباز شريف يا اسان جا نه، جيل ۾ ويٺل چهرا آهن جيڪي وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مون کي خبر آهي ته عوام مهانگائي ۽ بجلي جي وڌيڪ بلن جي تڪليفن کان گذري رهي آهي، منهنجي زماني ۾ بجلي جا بل ڪيترا هئا ۽ اڄ ڪيترا آهن مون کي ان جو اندازو آهي منهنجو ذهن هر ڀيري 2017 جي طرف ويندو آهي جيستائين بل گهٽ هئا ۽ مهانگائي  ۾ گهٽتائي هئي آمدني وڌيڪ ۽ خرچ گهٽ هئا

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 2013 ۾ جڏهن ٽيڪ اوور ڪيو ته پاڪستان تقريبن ڊيفالٽ جي حالت ۾ هو، ان وقت معيشت کي صحيح ڪري دنيا جي بهترين ملڪن ۾ شامل ڪري ڇڏيو اهي منهنجا نه پر اخبارن ۽ ميگزينن جا لفظ آهن، جيستائين مون کي ڪڍيو نه ويو ان وقت تائين ڊالر 104 روپين تي رهيو، مون کي ڪڍي هنن ملڪ سان وڏي زيادتي ڪئي، مون چئن سالن تائين ڊالر کي 104 روپين جي قيمت تي رکيو ته اطمينان رکڻ گهرجي ها ته  آئنده به ڊالر ساڳئي قيمت تي رهي ها پر مون کي ڪڍيو ويو.

نوازشريف چيو ته عمران خان جي زماني کان مهانگائي شروع ٿي، عمران خان پاڻ چيو هو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه آهي اسان جي حڪومت واري دور ۾ دنيا چئي رهي هئي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي غلامي کان آزاد ٿي ويو پر آءِ ايم ايف کي ٻيهر ڪنهن آندو؟ اهي چهرا شهباز شريف يا اسان جا نه جيل ۾ ويٺل چهرا آهن جيڪي وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته اسان لوڊشيڊنگ جو مسئلو ختم ڪيو ۽ بجلي جا ڪارخانا لڳايا، رڪارڊ وقت ۾ چين جي تعاون سان سي پيڪ جي تحت بجلي جا ڪارخانا لڳايا ۽ بجلي جون قيمتون به وڌڻ نه ڏنيون، 2017 ۾ بجلي جو بل 1600 روپيه ۽ اڄ 18 هزار روپيه اچي رهيو آهي، غريب ڪيئن بجلي جو بل ڏيندو؟

هن چيو ته مريم نواز وزيراعليٰ بڻجندي ئي اٽي جي قيمت گهٽ ڪئي، ڪڏهن صحت ۽ ڪڏهن هائوسنگ جي معاملن ۾ بهتري آڻڻ ۾ لڳل رهي، نوازشريف چيو ته اسان جي دور ۾ بينڪ جي وياج جي شرح سوا پنج روپيه هئي، ڪير انهي کي ساڍا 22 سيڪڙو تائين کڻي ويو؟ سرمائيڪاري ڪيئن ٿيندي؟ اسان کي آءِ ايم ايف جي شرط تي جڪڙيو ويو آهي، مون کان پوءِ ڪهڙا ماڻهو قرض وٺڻ جي لاءِ ويندا رهيا؟ هي موٽر وي اسان قرض گهري ناهن ٺاهيا، موٽر وي پنهنجي وسيلن سان ٺاهيا،  مون کي اقتدار جي خواهش نه آهي، خلوص سان ملڪ جي خدمت ڪئي پر اڄ دل ڏکي ٿو ته ملڪ سان ڇا ڪري ڇڏيو، پاڪستان کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو.

هن چيو ته مان اڄ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ  مريم نواز سان به ڳالهايو آهي ته ملڪ جي مظلوم طبقي کي ڪهڙي طرح رليف ڏنو ڃي، شهباز شريف ڪجهه وقت اڳ گهٽ يونٽ وارن کي رليف ڏنو آهي اهڙي طرح پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گرمي جي مهينن ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن ۾ فوري رليف جي لاءِ پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته 400 يونٽ تائين گهريلو صارفين کي في يونٽ 14 روپيه رليف ڏنو وڃي.

هن چيو ته اهو وڏو رليف آهي، 14 روپيه في يونٽ رليف ڏيڻ تي پنجاب حڪومت جا 45 ارب روپيه خرچ ٿيندا جنهن جي لاءِ پنجاب حڪومت پنهنجي مختلف شعبن مان خرچ گهٽ ڪيو آهي، ترقياتي فنڊز جون ڪٽوتيون ڪيون آهن.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهو رليف هتي ئي ختم نه ٿيندو، وڌيڪ رليف جي لاءِ پنجاب ۾ گهرن کي سولر پينل ڏنو ويندو ته جيئن انهن جو بجلي جو بل وڌيڪ گهٽ ٿي وڃي، جنهن جي لاءِ پنجاب حڪومت 700 ارب روپيه خرچ ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي. شهباز شريف کان به درخواست آهي ته هو پنجاب حڪومت سميت ٻين صوبن سان ملي عوام کي سولر پينل ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري.