پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جو بم ڦاٽي چڪو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد:  ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ سان گڏ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، ملڪ ۾ آبادي وڌڻ جو بم ڦاٽي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ سالياني گڏجاڻي دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان ڪلائميٽ فنانسنگ تي ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کان پوءِ ايگزيڪٽو بورڊ سان ڪلائميٽ فنانسنگ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. هلندڙ مهيني جي ختم ٿيڻ تائين آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ٿي ويندي

محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ سان گڏ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. ڇو ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، ملڪ ۾ آبادي وڌڻ جو بم ڦاٽي چڪو آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته معاشي صورتحال بهتر بنائڻ جي لاءِ بجيٽ ٽيڪس قدم، انرجي سيڪٽر، معيار زندگي کي بهتر بنائڻو پوندو. ناڻي واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ سان ملي موسمياتي تبديلي جي منصوبن جي مانيٽرنگ کي بهتر بنايو ويندو. موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلين تي ٻڌل پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

Population growth in Pakistanwhich has exploded