ايران اڄ ڪنهن به وقت اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

واشنگٽن: آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن اڄ اسرائيل تي ايراني حملي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، عالمي ميڊيا موجب ٽن آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن دعويٰ ڪئي آهي ته  ايران اڄ امڪاني طور تي ڪنهن به وقت اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو.

تازو ئي حماس ۽ حزب الله جي سينئر اڳواڻن جي  مارجي وڃڻ جي جواب ۾ اسرائيل تي ايران جي امڪاني حملي کي نظر ۾ رکندي آمريڪي سينٽل ڪمانڊ جي جنرل مائيڪل ڪوريلا اسرائيل جو دورو ڪيو.

آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ٻن آمريڪي اختيارين جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ته جنرل ڪوريلا جو تازو اسرائيل جو دورو، ايران ۽ حزب الله وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کان پوءِ هڪ اسٽريٽجڪ قدم جي طور ڏٺو پيو وڃي.

ويب سائيٽ رپورٽ ڪيو ته مائيڪل ڪوريلا جي دوري جو مقصد عالمي ۽ علاقائي سطح تي اتحادين کي متحرڪ ڪرڻ آهي ۽ اسرائيل جي دفاع کي يقيني بنائڻ آهي جنهن کي 13 اپريل تي ايراني حملي خلاف اسرائيل جو دفاع ڪيو ويو هو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 3 آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن چيو  ته امڪان آهي ته ايران اڄ اسرائيل تي ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته ايران ۽ حزب الله جي اڳواڻن حزب الله جي اعليٰ فوجي ڪمانڊر فواد شڪر ۽ حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ جو عهد ڪيو هو