آئمه بيگ جي تصويرن تي ٿرٿلو مچي ويو

جده: پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪارا آئمه بيگ سعودي عرب جي ميوزيڪل نائيٽ ۾ پرفارمنس کانپوءِ عمري جي تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون جنهن سبب گلوڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽس موجب، سعودي عرب جي شهر جدي ” جده سيزن “ تحت پاڪستان ۽ انڊونيشيا ميوزيڪل نائيٽ جو انعقاد ڪيو ويو هو

ميوزيڪل شو ۾ پاڪستاني گلوڪارا آئمه بيگ، بلال سعيد، سونو ڊانس گروپ ۽ انڊونيشيا جي مشهور گلوڪارا ليڊي را را شاندار پرفامنس جو مظاهرو ڪيو جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

ان کانپوءِ هن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري ۾ پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ گلوڪارا کي عمرو ادا ڪندي ۽ ڪعبي کي ڇُهندي ڏسي سگهجي ٿو.

آئمه بيگ جون اِهي تصويرو جيئن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته صارفين کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.

صارفين گلوڪارا کان سوال ڪيو ته پهريان هن جدي ۾ پرفارم ڪيو ۽ وري عمرو ڪرڻ پهچي وئي، هاڻي اِهو سڀ ڪري هوءَ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي.

سوشل ميڊيا صارفين اِهو به چيو ته جيڪڏهن اوهان عمرو ادا ڪيو پئي ته مهرباني ڪري، پنهنجي موبائيل فون ته سائيڊ تي رکو ها.