بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 12 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽه: بلوچستان ۾ برسات جو مضبوط سسٽم موجود آهي جنهن سبب 22 ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

سسٽم 6 آگسٽ تائين موجود رهندو جنهن سبب خضدار، لسٻيلا، آواران، پنجگور، بارکان، ڪوئيٽه، مستونگ، سبي، ڪوهلو ۽ ٻين هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي

ان دوران ڍنڍن ۾ چاڙهه ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. تازو برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽32 زخمي ٿيا، برساتن ۽ وهڪرن سبب 263 گهرن کي نقصان، 91 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.

312 ايڪڙ فصل ۽ 19 ڪلوميٽر روڊ متاثر ٿيا جڏهن ته 106 ڍور مري ويا. پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به امڪاني خطري کي ڏسندي غير ضروري سفر ۽ ڍنڍن ويجهو گذرڻ کان پاسو ڪيو وڃي

12 people diedRains in Balochistan caused havoc