وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

حڪومت ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 روپيه 86 پئسا جڏهن ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 6 روپيه 17 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 روپيه 32 پئسن جي لاٿ جڏهن ته لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 روپيه 72 پئسا في ليٽر جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 269 روپيه 43 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 272 روپيه 77 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

لائٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 160 روپيه 53 پئسا جڏهن ته گاسليٽ جي في ليٽر قيمت 177 روپيه 39 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ ناڻي واري وزارت نئين قيمتن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

The federal government has reduced the prices of petroleum products