چوماسيءَ جو نئون اسپيل ايندڙ هفتي سنڌ تي اثرانداز ٿيندو

ڪراچي : موسمياتي ماهرن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسمياتي ماهرن موجب، چوماسي جون تيز هوائون داخل ٿينديون چار آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿينديون، چار کان 6 آگسٽ دوران ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي، لاڙڪاڻي، موري ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات ٿي جنهن کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
موسميات ماهرن موجب، اڄ به ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول، ڄامشورو، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، مٺي ۽ دادو سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.