ڪراچي: گورنر هائوس آڏو جماعت اسلامي طرفان ڌرڻي جو اعلان، ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي: ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي اعلان کان پوءِ ٽريفڪ پوليس پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٽريفڪ پوليس موجب ڌرڻي سبب ايوان صدر روڊ ٻنپهرن جو 3 وڳي کان فواره چوڪ کان گورنر هائوس گيٽ نمبر هڪ تائين ٽريفڪ جي لاءِ بند رهندو. جڏهن ته شاهين ڪامپليڪس کان پي آءِ ڊي کان ايندڙ ۽ ويندڙ روڊ کليل رهندا.

ٽريفڪ پوليس موجب ميٽرو پول کان ايندڙ ٽريفڪ کي ضياءُالدين روڊ وڃڻ جي اجازت نه هوندي .آرٽس ڪونسل چورنگي کان ٽريفڪ کي ڪلب روڊ موڙيو ويندو ۽ جناح برج کان پي آءِ ڊي طرف ٽريفڪ جو دٻاءُ هوندو.

شهرين کي ٽريفڪ پوليس طرفان سلطان آباد ٽريفڪ سيڪشن ڪٽ کان مائي ڪولاچي ۽ بوٽ بيسن جو رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.  

KARACHI: Jamaat-e-Islami announced sit-in in front of Governor House