7 مهينن جي مصري ڳورهاري عورت تلوار بازي مقابلو کٽي ورتو

پيرس : پيرس اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ مصري رانديگرياڻي ندا حفيظ انڪشاف ڪيو ته هن 7 مهينن جي ڳورهاري هجڻ باوجود مقابلي ۾ حصو ورتو.

قاهره سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي ندا حفيظ 7 مهينن جي ڳورهاري هجڻ جي باوجود پنهنجو پهريون مقابلو کٽي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

مصري ايٿليٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي لکيو ته زندگي ۽ راند جو توازن برقرار رکڻ مشڪل هو، مان چوڻ چاهيان ٿي ته رائونڊ آف 16 ۾ پهچڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.