ڪرڪيٽ سان جا سمورا معاملا وقار يونس حوالي ڪرڻ جو فيصلو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽ معاملا اڳوڻي ڪپتان وقار يونس کي سونپڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، محسن نقوي انتظامي معاملا ڏسندو ۽ ڪرڪيٽ جي حوالي سان سمورن فيصلن جو ذميوار هڪ ڪرڪيٽر هوندو
انٽرنيشنل ، ڊوميسٽڪ، سلڪيشن ڪميٽي جا معاملا، رانديگرن جي اين او سي سيمت سمورا فيصلا ڪرڪيٽر ڪندو جڏهن ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سمورو ڌيان ايڊمنسٽريشن تي ڏيندو.
ذريعن موجب، اڳوڻي ڪپتان وقار يونس کي پي سي ۾ اعليٰ عهدو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هو وومينز ڪرڪيٽ جا معاملا به ڏسندو.
ياد رهي ته پي سي بي جي 2014 جي آئين موجب چيئرمين پنهنجو پاور ڪنهن کي به سونپڻ جو اختيار رکي ٿو، وقار يونس قومي ٽيم سان لاڳاپيل سمورن معاملن جو نگران هوندو، هو نيشنل سليڪشن ڪميٽي وائٽ بال ۽ ريڊ بال ڪوچز سان رابطي ۾ رهندو.