گورنر ڪي پي جو علي امين گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو

پشاور: خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور صوبي جون حالتون سڌاري نه ٿو سگهي ته استعيفيٰ ڏئي .
فيصل ڪريم موجب، وڏي وزير چيو ته گورنر جي ڪري کيس ذهني پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو، انڪري هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو، وڏو وزير سنڌ اچي اتي سندس مفت ۾ ذهني علاج ڪرائيندس.
گورنر ڪي پي چيو ته عزم استحڪام آپريشن تي سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي ها، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير آپريشن تي اختلاف نه ڪيو، امن امان جي صورتحال خراب آهي، اسان به آپريشن نٿا چاهيون پر امن امڪان تي ڪا به سياست ناهيون ڪري رهيا، آپريشن کانسواءِ حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو آپشن آهي ته ٻڌايو.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پهريان پنهنجا ڪيس ختم ڪري پوءِ وزيراعظم بڻجڻ جا خواب ڏسي، پي ٽي آءِ هاڻي اهڙو وقت اچي ويو آهي جو احتجاج به نٿي ڪري سگهي ۽ چوي ٿي احتجاج جي اجازت نٿي ملي، اسان بنا اجازت جي احتجاج ۽ جلسا ڪندا هئاسين، ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن سدائين پنهنجي پارٽي کي ڦاسايو ۽ ڏکيائيون پيدا ڪيون.