چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ تي ٽي ايل پي اڳواڻ خلاف ڪيس داخل

لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ تي ٽي ايل پي جي نائب امير جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جي نائب امير پير ظهيرالحسن شاهه جي خلاف قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او حماد حسين جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري قلمن، مذهبي منافرت، فساد پکيڙڻ،  عدليه تي دٻاءُ وجهڻ، اعليٰ عدليه کي ڌمڪي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ قانوني فرضن ۾ رنڊڪ وجهڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج سان پير ظهيرالحسن اعليٰ عدليه جي خلاف نفرت پکيڙي، ٽي ايل پي جي نائب امير جسٽس فائز عيسيٰ کي قتل ڪندڙ کي 1 ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ٽي ايل پي جي نائب امير سميت 1500 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف دفاع واري وزير خواجه آصف چيو  آهي ته چيف جسٽس کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، رياست قتل جي فتويٰ برداشت نه ڪندي.