چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪين تي حڪومت جو نوٽيس، سخت ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪين تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته رياست قتل جي فتويٰ برداشت نه ڪندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي عوام کي قتل تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙيون ڳالهين جي اجازت ڏني وئي ته اهو خطرناڪ عمل هوندو

هن چيو ته مذهب جي نالي تي ملڪ ۾ رتوڇاڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مختلف بهانن سان ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. رياست ۾ هڪ سسٽم هوندو آهي، بي بنياد الزام نٿو لڳائي سگهجي، رياست پوري طاقت سان اهڙين فتوائن جو جواب ڏيندي.

خواجه آصف چيو ته رياست ڪنهن گروپ جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪندي ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني هجڻ گهرجي، انصاف هر شهري جو حق آهي.

وفاقي وزير احسن اقبال پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس چيف جسٽس کي ڌمڪي ڏيڻ آئين سان کليل بغاوت آهي. سزا ۽ جزا جو اختيار صرف عدليه وٽ هوندو آهي. ڪنهن گروپ کي اها اجازت نه آهي ته اهو ڪنهن جي قتل جي فتويٰ جاري ڪري. دهشتگردي،  آپگهاتي حملا ۽ فتويٰ بازي جو اسلام سان ڪوبه تعلق نه آهي. اهڙن عناصرن جي خلاف قانون پوري طاقت سان حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته اسان کي ملڪ جي هر شهري کي تحفظ ڏيڻو آهي.

The government took notice of the death threats to the Chief Justice