حڪومت جو عمل غير سياسي آهي، بيرسٽر گوهر ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر جو حڪومت طرفان ڳالهين جي آڇ تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومتي پارٽي جو عمل سياسي نه پر غير سياسي آهي، اها ڪهڙي ڳالهه ٿي ته اچو ويهي ڳالهيون ڪريو،ڇا ڳالهين جي دعوت اهڙي طرح ڏيندا آهن؟ پهريان ٻڌايو وڃي ته سياسي پارٽيون ٻين سياسي پارٽين کي ڳالهين جي دعوت اهڙي طريقي سان ڏينديون آهن.

بيرسٽر گوهر چيو ته اسان ته پرامن احتجاج به نٿا ڪري سگهون، اهڙي طرح جي ڳالهين جي آڇ کي اسان ڪيئن مڃي وٺون؟ هي حڪومت فارم 47 جي پيداوار آهي، اهو ظلم ۽ زيادتيون اڄ به جاري رکيون پيون وڃن.

پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ به اسان جي ماڻهن کي کنيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪاررواين دوران چادر، چارديواري جي تقدس کي به پامال ڪيو پيو وڃي.

Barrister Gauhar rejected the offer of talks