عمران خان جو 12 ڪيسن ۾ جسماني ريمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جو 12 ڪيسن ۾ جسماني ريمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس انوارالحق پنون تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 5 صفحن تي ٻڌل لکت واري فيصلي ۾ جاري ڪيو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جسماني ريمانڊ ڏيندي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. جسماني ريمانڊ بابت اعليٰ عدالتي فيصلا موجود آهن. جسماني ريمانڊ جي دوران جوڊيشل مئجسٽريٽ کي الزامن جو جائزو وٺڻو هوندو آهي.

عدالتي فيصلي موجب پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي قانوني طور تي مطمئن نه ڪري سگهيو. جيڪڏهن ڪيس نٿو بڻجي ته جج ڪيس ڊسچارج ڪري سگهي ٿو. آئين هر شهري کي حق ڏئي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته عمران خان جي درخواستن کي منظور ڪريون ٿا ۽ ان جو جسماني ريمانڊ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.