ڪاملا هيرس آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

واشنگٽن : آمريڪا جي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ جي صدارتي اميدوار ڪاملا هيرس اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪا جي نائب صدر ڪاملا هيرس صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ باظابطا صحيح ٿيل دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
نائب صدر ڪاملا هيرس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته بظابطا طور آمريڪي صدر جي اميدوار جي ڪاغذن تي صحيحون ڪري ڇڏيوڻ آهن، هر هڪ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪنديس ۽ نومبر ۾ اسان جي ماڻهن جي سگهاري مهم ڪامياب ٿيندي.