جسٽس(ر) مظهر عالم ايڊهاڪ جج مقرري تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل بطور ايڊهاڪ جج مقرري تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

صدر آصف علي زرداري ٻن ايڊهاڪ ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري ڏئي چڪو آهي جنهن ۾ جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس(ر) سردار طارق مسعود شامل آهن.

جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل پهريان ايڊهاڪ جج بنجڻ جي لاءِ معذرت ڪري ورتي هئي جنهن کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ٻيهر جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل کان راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ ججز جي طور تي 4 اڳوڻن ججز جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا جنهن کان پوءِ جسٽس(ر) مشير عالم، جسٽس(ر) مقبول باقر معذرت ڪري ورتي هئي.