عائزا خان سان حادثو، ذري گهٽ بچي وئي

ڪراچي :مشهور پاڪستاني اداڪار عائزا خان شوٽنگ دوران حادثي کان ذري گهٽ بچي وئي.
ويجهڙ ۾ عائزا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو شوٽنگ دوران سڙڻ کان بچي وئي.
وڊيو ۾ اداڪارا ڪاري رنگ جو لباس پهريل آهي ۽ سمنڊ ڪناري گهوڙي سان گڏ شوٽنگ ۾ رڌل آهي، شوٽنگ جيئن اداڪارا مشعل جي ويجهو آئي ته کيس تپش محسوس ٿيڻ لڳي ۽ فوري طور اتان هٽي وئي.
ان موقعي تي اداڪارا پنهنجي حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي گهوڙي کي به فوري طور باهه کان بچائي ورتو.