گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جون ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جون ڪجهه ڏينهن ۾ ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪلوئي ويجهو نيوي چڪ جي علائقي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته نيون ڀرتيون هاڻي مهينن نه پر ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪنداسين، ٻن سالن دوران گريڊ 16 جون 10 هزار ڀرتيون ڪيون ويون

ايندڙ ٽن کان 6 مهينن دوران وڌيڪ 10 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي اسڪيم شروع ڪئي آهي

ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک 60 هزار گهر ٺاهي چڪا آهيون، 6 لک گهرن جو ڪم هلندڙ آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽن سالن دوران 21 لک گهر ٺاهي ڏينداسين، بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين