اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جو اجازت نامو واپس وٺڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جو اجازت نامو واپس وٺڻ جو چيف ڪمشنر جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب اهو فيصلو هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ ٻڌايو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق پنج صفحن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ عدالت 5 جولاءِ تي چيف ڪمشنر جو اين او سي واپس وٺڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جلسي جي اين او سي جي درخواست اسلام آباد  انتظاميه جي سامهون ٻڌڻي هيٺ هوندي. اسلام آباد انتظاميه قانون موجب سببن سان گڏ درخواست تي فيصلو ڪري. 5 جولاءِ جي آرڊر موجب محرم ۾ امن امان جي صورتحال سبب اين او سي واپس ڪيو ويو. اين او سي واپس وٺڻ کان اڳ چيف ڪمشنر پي ٽي آءِ جي ڪنهن نمائندي کي آگاهه نه ڪيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيف ڪمشنر جي آرڊر خلاف عدالت ۾  درخواست داخل ڪري رکي هئي.