آذربائيجان جو صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: آذربائيجان جو صدر الهام عليوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو.آذربائيجان جو صدر وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي پهتو آهي.هوائي ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر جو استقبال ڪيو.آذربائيجان جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو.ٻئي طرف ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.