پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ٻارن کان جبري پورهئي جي خاتمي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

لاهور: ٻارن جي هٿن ۾ اوزار نه ڪتاب، پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ٻارن کان جبري پورهئي جي خاتمي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

پاڪستان ۾ چائلڊ ليبر جي گڏيل شرح 16.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٻارن کان جبري پورهئي ۾ واڌ جو بنيادي سبب غربت آهي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن موقف اختيار ڪيو آهي ته بيروزگاري جي خاتمي ۽ شهرين کي سوشل پروٽيڪشن ڏيڻ سان جبري پورهئي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ماهرن گهريلو مزدوري ۾ ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ کي سنگين مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو.

ٻارن کان جبري پورهئي جي خاتمي جو عالمي ڏينهن اڄ 12 جون تي ملهايو ويندو آهي. پاڪستان ۾ بهتر قانون ۽ ڪارروائي نه ٿيڻ تي سموري ملڪ ۾ مزدور ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، پنجاب ۾ ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ جي شرح 14 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.

ماهرن چيو آهي ته هر حڪومت ۾ ٻارن کان جبري پورهيتو وٺڻ جي خاتمي جو اعلان ته ڪيو ويو پر اڻپورا قدم کنيا ويا جنهن جي ڪري ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

the day of the end of forced child labor is being celebrated all over the worldToday