تاريخ رقم،افغان سيمي ۾ پهچي ويا،آسٽريليا ورلڊ ڪپ کان ٻاهر

ڪنگسٽن : آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ افغانستان بنگلاديش کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت 8 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ اهڙي طرح افغان ٽيم پهريون ڀيرو ڪنهن ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.افغانستان بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 116 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جيڪو بنگلاديش کي 12.1 اوورن ۾ حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.افغانستان جي اننگز جي پڄاڻي تي ميچ برسات سبب ڪجهه دير لاءِ روڪي وئي. بنگلا ٽائيگرز رڳو 105 رنسون ٺاهي سگهي ۽ پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 52 هين ميچ ۾ گروپ ون جون ٽيمون افغانستان ۽ بنگلاديش آمهون سامهون آهن، جتي افغانستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ڪپتان راشد خان 19 رنسون، ابراهيم زردان 18 رنسون ۽ عظمت الله عمر زئي 10 رنسون اسڪور ڪيو.بنگلاديش طرفان راشد حسين 3، مستفيض الرحمان ۽ تسين احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.ڪنگسٽائون جي ارنس ويل گرائونڊ ۾ افغانستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون.

Afghanistan reached the semisHistory