آپريشن عزم استحڪام جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت بلوچستان ۾ آهي: سرفراز بگٽي

ڪوئٽه: بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت بلوچستان ۾ آهي ڇو ته صوبي ۾ ته وڏي انسرجنسي آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جي ٻين علائقن مذهب جي نالي تي انسرجنسي آهي پر بلوچستان ۾ ته وڏي انسرجنسي آهي آپريشن عزم استحڪام جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت بلوچستان ۾ آهي. هن چيو ته ٻين جي ڳالهين ۾ اچي پهاڙن تي ويل عام بلوچن کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيان ٿو ته اهي اچن پرامن بلوچستان جي تحت انهن جي آجيان ڪنداسين پر رٽ آف اسٽيٽ چيلينج ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا

وڏي وزير چيو ته ناراض بلوچن سان ڳالهين لاءِ ان هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي حوالي سان اڃان تائين مشورا ڪري رهيو آهيان مان ذاتي طور تي انهي ڳالهه تي ڪنفيوز آهيان ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪريان جيڪي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي قتل ڪري رهيا آهن، شاگردن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ عام بلوچن کي مخبر قرار ڏئي ماري رهيا آهن انهن سان ڪيئن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچستان ۾ رٽ آف اسٽيٽ مستحڪم ڪرڻي پوندي.

هڪ سوال  جي جواب ۾  بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته شعبان جي پڪنڪ پوائنٽ تان اغوا ڪيل 10 ڄڻن جي بازيابي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن .معاملو حساس آهي ان لاءِ احتياط کان ڪم وٺي رهيا آهيون. انشاءَالله ان حوالي سان جلد سٺي خبر ملندي.