سکر بيراج جي گيٽ 44 ۽ 47 کي نقصان، آبپاشي وزير ۽ عملدار پهچي ويا

سکر: سکر بيراج جي گيٽ 44 ۽ 47 کي نقصان پهچڻ جي اطلاع تي آبپاشي وارو وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار بيراج تي پهچي ويا، آبپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري ظريف کيڙو نقصان پهتل درن جو جائزو ورتو.

ميئر سکر، ايم ڊي سيڊا، سکر ۽ روهڙي بيراجز جي چيف انجنيئرز صورتحال بابت آبپاشي واري وزير کي بريفنگ ڏني.

آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته بيراج جي گيٽس کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو پيو وڃي.

هن چيو ته بيراج جي دروازن جي مرمتي ڪم سبب ليفٽ بينڪ ۽ رائيٽ بينڪ ڪينال کي پاڻي نه ڏئي سگهبو، درن جي مرمتي ڪم سبب آبادگارن ۽ عوام سان معذرت ڪيون ٿا.

Gate 44 and 47 of Sukkur Barrage damaged