ڀارتي رياست آسام ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 26 ڄڻا فوت

نئين دهلي : ڀارتي رياست آسام ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻوڏ سبب هيل تائين لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، ٻوڏ سان رياست آسام جا 15 کان وڌيڪ ضلعا متاثر ٿيا، جڏهن ته 1300 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي فصل تباهه ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 50 هزار کان وڌيڪ جانور به متاثر ٿيا آهن.

Heavy rains and floods wreaked havoc in the Indian state of Assam