سنڌ حڪومت وچولي طبقي کي سولر سسٽم لڳائڻ لاءِ بنا وياج قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت وچولي طبقي جي ماڻهن کي سولر سسٽم لڳائڻ جي لاءِ بنا وياج آسان قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 30 لک گهرن ۾ بجلي نه آهي، انتهائي غريب گهراڻن کي پهريان سولر سسٽم ڏينداسين.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهو جو خيال رکيو وڃي هن چيو ته اليڪشن جي دوران بلاول ڀٽو زرداري جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪيو پيو وڃي. مفت بجلي بابت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ منصوبا تيار ڪيا ويا آهن.

ناصر حسين شاهه چيو ته 30 لک گهرن ۾ بجلي نه آهي انهن کي پهريان بجلي فراهم ڪري ڏينداسين.  انتهائي غريب گهراڻن کي هڪ پنکو ۽ 3 بل ٻارڻ جي لاءِ پهريان سولر سسٽم ڏينداسين. ناصر حسين شاهه چيو ته وچولي طبقي کي به سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ لائحه عمل ترتيب ڏنو پيو وڃي. وچولي طبقي سان جيڪو خاندان پاڻ سولر سسٽم لڳائڻ چاهي ٿو ان جي لاءِ قرض اسڪيم ٺاهي رهيا آهيون. سولر سسٽم جي لاءِ قرض جو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي کي وفاقي بجيٽ تي خدشا آهن سنڌ سان گذريل حڪومتن ۾ تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون ويون. ٻين صوبن ۾ کربين روپين جا ڪم ٿيا. سنڌ کي 2 کان 3 سيڪڙو کان وڌيڪ پي ايس ڊي پي ۾ حصو نه ڏنو ويو.