خدا جي رحمت سان مون تي ڪنهن دٻاءُ ناهي وڌو: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته جج ڪرپٽ ۽ بي ايمان نٿو ٿي سگهي، ڪجهه ڪوششون اهڙيون ضرور ٿيون پر خدا جي رحمت سان مون تي ڪنهن دٻاءُ نه وڌو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روينيو رڪارڊ جي آن لائن ويريفڪيشن برانچ جي افتتاح واري تقريب ٿي.
تنهن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته واضح طور تي چوان ٿو ته مون سان ڪنهن رابطو ناهي ڪيو، عدليه جي آزادي ان جي فيصلن مان نظر ايندي آهي، هڪ ٻه ڀيرا ڪجهه اهڙي ڪوشش ٿي جنهن جو فوري ازالو ڪيو ويو، اها به بعد ۾ غلط فهمي ثابت ٿي.
هن چيو ته سنڌ جي عدليه تي ڪنهن مخصوص ڪيس ۾ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي، اليڪشن ٽربيونل جي جج جي بدلي معمول جي ڪارروائي هئي، ججز جي بدلي جو نظام پيچيده آهي…….