افغانستان پاپوا نيو گني کي شڪست ڏئي سپر 8 ۾ پهچي ويو

تروبا : ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ افغانستان پاپوا نيوگني کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.گروپ سي ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تروبا ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ افغانستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.پاپوا نيو گني جي ٽيم 19.5 اوورن ۾ 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪپلان ڊريگا 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ايلي ناو 13 ۽ ٽوني اورا 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، ان کانسواءِ ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ نه پهچي سگهيو.بعد ۾ افغان بيٽسمين 96 رنسن جو هدف 15.1 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.