توهين عدالت ڪيس: فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

فيصل واوڊا توهين عدالت نوٽيس تي 16 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

فيصل واوڊا پنهنجي جواب ۾ چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليه جي توهين نه پر ملڪ جي بهتري هو. اڳوڻي وزير رئوف حسن، مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي تقريرن جا ٽرانسڪرپٽ به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

فيصل واوڊا جواب ۾ وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ رئوف حسن معزز جج کي ٽائوٽ چيو ۽ عدليه، ججز کي ڌمڪايو. مولانا فضل الرحمان به سپريم ڪورٽ جي سامهون تقرير ۾ ججز کي ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن ته شهباز شريف ججز کي ڪاريون رڍون قرار ڏنو.

هن پنهنجي جواب ۾ استدعا ڪئي آهي ته عدالت توهين عدالت جي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ تي صبر جو مظاهرو ڪري جاري ڪيل نوٽيس واپس ورتو وڃي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي عدليه مخالف بيان ڏيڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن کان پوءِ اڄ مصطفيٰ ڪمال عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي.