ايمازون جو باني هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو

گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هرنارڊ آرنلٽ ۽ جيف بيزوز وچ ۾ دنيا جي امير ترين شخص بڻجڻ جي ڊوڙ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
جنهن دوران ڪيترائي ڀيرا ايمازون جو باني بيروز دنيا جي امير ترين شخص بڻيو ۽ پوءِ هرنارڊ آرنلٽ کي پوئتي ڇڏي مٿي اچي ويو.
پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ايمازون جو باني دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي ۽ ايل وي ايم ايڇ ڪمپني جو مالڪ برنارڊ آرنلٽ پهرين مان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان ۾ اصل جيف بيزوز جو ڪو ڪمال ناهي پر هرنارڊ ارنلٽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6.73 ارب ڊالرن کان محروم ٿيو، ڪجهه هفتن دوران کيس 27 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي جنهن ڪري هو ٻئين نمبر تي اچي پهتو آهي.