مسلسل گهٽتائي کانپوءِ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي: مسلسل گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ اڄ سون جو اگهه وڌي ويو.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4 هزار 600 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 43 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 944 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 9 هزار 19 رپين جو ٿي ويو.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 54 ڊالر واڌ سان 2344 ڊالر في اونس آهي.