شبلي فراز ۽ عمر ايوب پي ٽي آءِ باني سان منهنجي ملاقات ٿيڻ نه ڏني: شير افضل مروت

اسلام آباد: شير افضل مروت چيو آهي ته شبلي فراز ۽ عمر ايوب پي ٽي آءِ باني سان منهنجي ملاقات ٿيڻ نه ڏني.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ٿي سگهي، شير افضل مروت صحافين سان ڳالهيون ڪندي الزام لڳايو ته شبلي فراز ۽ عمر ايوب پي ٽي آءِ باني سان منهنجي ملاقات ٿيڻ نه ڏني.

هن چيو ته اڄ به جيل سپرنٽينڊنٽ منهنجي ملاقات نه ڪرائي، شير افضل مروت چيو ته سپرنٽينڊنٽ چيو ته پي ٽي آءِ باني اوهان سان ڌار ملندو، ڪالهه به پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ آيو هئس.

ان کان اڳ شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ باني سان آمهون سامهون ملاقات ڪندس، باني چيئرمين کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي معاملي تي خدشن کان آگاهه ڪندس، منهنجو نالو ڪنهن جي چوڻ تي ڪڍيو ويو هو،  سموريون حقيقتون باني چيئرمين کي ٻڌائيندس.