چوري ٿيل موبائل فون جي تصديق جو آسان طريقو ڄاڻيو

اسان اڪثر موبائل فون جي خريد ۽ وڪرو ڪندا آهيون پر موبائل فون چوري جي هجي ته ڪيئن خبر پئي؟
سمارٽ فون موجوده دور ۾ تقريبن هر شخص جي ضرورت بڻجي چڪي آهي، واهپيدار نين سان گڏ پراڻيون موبائل فونز به خريد ڪندا آهن پر فون چوري جي هجي ته ان جو پتو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي.
پر پنجاب پوليس واهپيدارن جي اها پريشاني ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان هڪ موبائل ايپ اي – گيجٽ ايپ (E-GadgetApp) جي نالي سان ٺاهي آهي.
توهان ڪا به موبائل فون خريد ڪري رهيا آهيو ته ان جو اي ايم اي آءِ نمبر ڄاڻايل ايپ تي داخل ڪري تصديق ڪري وٺو ته ڪٿي توهان کي چوري ٿيل فون ته کپائي نه پئي وڃي.
ان ايپ ۾ موبائل فون جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ هر دڪاندار جي رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
ان حوالي سان پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته ايپ ۾ موبائل فون جي خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪندڙ هر دڪاندار جي رجسٽريشن هجڻ لازمي آهي، ان ايپ جو استعمال نه رڳو چوري جي موبائل فونز جي خريد ۽ وڪري جي روڪٿام ڪري ٿو پر توهان کي قانوني ڪارروائي کان به محفوظ رکي ٿو.