ارجنٽائن جو ليجنڊ فٽبال ڪوچ سيزر لوئس مينوٽي لاڏاڻو ڪري ويو

لاھور : ارجنٽائن جو ليجنڊ فٽبال ڪوچ سيزر لوئس مينوٽي ڊگهي بيماري کانپوءِ فوت ٿي ويو آهي.ارجنٽائن ميڊيا موجب لوئس مينوٽي گذريل ڪجهه مهينن کان بيمار هو ۽ آچر تي بيونس آئرس ۾ فوت ٿي ويو.مينوٽي، 85، ارجنٽائن جو افسانوي فٽبال ڪوچ هو.هو ارجنٽائن ٽيم جو هيڊ ڪوچ هو جنهن 1978ع ۾ هوم گرائونڊ تي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽيو هو.هن اسپينش ڪلب بارسلونا سان به ٽرافيون کٽيون، هو ارجنٽائن جي انڊر 20 ٽيم جو ڪوچ هو جنهن يوٿ ورلڊ ڪپ کٽيو.