آمريڪا ۾ اي آءِ سبب سوا ٽي لک ملازم بيروزگار ٿي ويا

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي ابتدائي 4 مهينن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس يعني اي آءِ ٽيڪنالاجي، جي استعمال سبب سوا ٽي لک ماڻهون بيروزگار ٿي چڪا آهن. فوربز جي رپورٽ موجب رڳو اپريل جي مهيني ۾ 64 هزار 789 ماڻهن جي نوڪري ختم ڪئي وئي آهي. اي3لن مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا 14 هزار ماڻهن جي نوڪري ختم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي ۽ سال جي آخري تائين بيروزگارن جو انگ تمام گهڻو وڌي سگهي ٿو. هن سال اي آءِ سبب 46 هزار 436 نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي.

300In America