9 مئي ڪيس: عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي 14 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي پرتشدد مظاهرن بابت 2 ڪيسز ۾ 14 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جن کي ڪيس جي ڪارروائي لاءِ حاضر ٿيڻو هو پر اهي پيش نه ٿي سگهيا.

رپورٽ موجب جج ارشد جاويد پوليس کي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ 9 جوابدار ۽ عسڪري ٽاور ڪيس ۾ ٻيا 5 جوابدار 15  مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيندا.  جج جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ نوان ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.ان کان علاوه گذريل ڏينهن اي ٽي سي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ جمشيد اقبال چيمه ۽ ان جي گهر واري مسرت اقبال چيمه جي 9 مئي جي فسادن بابت وڌيڪ 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي کين جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

جج ارشيد جاويد ٻنهي جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون 21 مئي تائين منظور ڪرڻ جي اجازت ڏيندي ٻنهي کي هڪ هڪ لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

جوابدارن عسڪري ٽاور، شادمان ٿاڻي(ن) ليگ جي پارٽي آفيس ۽ ٻين تي حملن جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي. جوابدار فيبروري ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا هئا ڇو ته انهن خلاف 9 مئي تي ٿيندڙ فسادن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ کين اشتهاري قرار ڏنو ويو هو.

ياد رهي ته 9 مئي 2023 تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ملڪ ۾ پرتشدد فسادن جي نتيجي ڪيترن ئي هنڌن تي وڳوڙ شروع ٿي ويا.

9 مئي تي مڇريل ماڻهن طرفان ملڪ جي مختلف هنڌن کان علاوه عسڪري ٺڪاڻن تي حملا، باهيون، گهيراءُ ۽ مظاهرا ڪيا هئا ان دوران سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو