بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ملوث 4 دهشتگرد گرفتار

پشاور: بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ملوث 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.پشاور جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) موجب بشام ۾ چيني انجنيئرن تي خودڪش حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن دوران حملي ۾ ملوث 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي، سندن نيٽ ورڪ جي ٻين دهشتگردن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.