اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي رڪارڊ قائم، 73 هزار جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات ڪئي، انڊيڪس 73 هزار جي سطح عبور ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو پر بعد ۾ منفي رجحان ۾ اچي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس اڄ تاريخي رڪارڊ قائم ڪري 558 پوائنٽن جي واڌ سان 73 هزار 300 جي سطح تي پهچي ويو.بعد ۾ رجحان منفي ٿيڻ بعد 100 انڊيڪس 512 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 72,230 تي اچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 72,742 پوائنٽس تي بند ٿيو.

A historical record was set in the stock exchange