واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم

ڪيليفورنيا:ميٽا جي انسٽنٽ ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس اپ جي استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري، هاڻي ميسيجنگ ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت نه پوندي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽن موجب واٽس اپ پنهنجي نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ صارف انٽرنيٽ کانسواءِ هڪ ٻئي سان تصويرون، وڊيوز ۽ دستاويز شيئر ڪري سگهندا.جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ جو فيچر نيئر باءِ شيئر استعمال ڪيو آهي ته پوءِ يقينن توهان کي واٽس اپ جو هي نئون فيچر پسند ايندو، جنهن ذريعي توهان آف لائن هئڻ جي باوجود ويجهن صارفين سان فائل شيئر ڪري سگهو ٿا.بهرحال، هن نئين خاصيت کي ڪجهه شرطن جي ضرورت هوندي. هن فيچر تحت، صارف صرف انهن ماڻهن سان فائلون شيئر ڪري سگهندا جيڪي انهن جي رابطي جي فهرست ۾ آهن.هي فيچر صرف تڏهن ڪم ڪندو جڏهن گڏيل درخواست ٻين صارفين طرفان منظور ڪئي ويندي.سڀئي شيئر ڪيل فائلون انڪريشن ذريعي محفوظ ڪيون وينديون ته جيئن ڪو به ٽيون پارٽي انهن تائين رسائي نه ڪري سگهي.رپورٽن مطابق شيئر ڪيل سموريون فائلز انڪريپشن جي ڪري محفوظ هونديون، انڪري ڪنهن به ٽئين پارٽي کي ان تائين رسائي نه هوندي ۽ انڪريپشن جي ڪري ڪا به فائل خراب نه ٿيندي هن نئين فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪجهه اجازتن جي ضرورت پوندي، جن مان هڪ آهي FIND NEAR BY PHONES، جيڪو آف لائن شيئرنگ فيچر کي سپورٽ ڪندو. اينڊرائيڊ ۾ معياري سسٽم جي اجازتون بلوٽوت ذريعي ويجھي ڊوائيسز کي اسڪين ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، پر ھي اختيار بند ڪري سگھجي ٿو.هن نئين واٽس ايپ فيچر لاءِ گهربل اجازتون شامل آهن