ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 61 هزار 227 ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 61 هزار 227 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين وبا هڪ هزار 260 حياتيون ڳڙڪائي وئي، سنڌ ۾ 24 هزار 206، پنجاب ۾ 22 هزار 37، ڪَي پِي ۾ 8 هزار 483، بلوچستان ۾ 3 هزار 616، اسلام آباد ۾ 2 هزار 15، گلگت-بلتستان ۾ 651 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 219 ٿي ويو آهي.